جمالين جو قبو 5

جمالين جو قبو 5

جمالين جو قبو 5

جمالين جو قبو- 6: هيءُ مقبرو سخي اميد علي جي قبرستان، ديھه اين-87 تعلقي ۽ ضلعي بينظيرآباد ۾ آهي. نوابشاھه شھر کان اولھه طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ھيءُ ماڳ اتر ڊگھائي ڦاڪ 26015\' 0\'\' ڊگرين ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 680 26\' 35\'\' ڊگرين تي واقع آھي. مقبري جي ڊيگھه ويڪر 4x4 ميٽر ۽ اوچائي ست ميٽر آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون (26x18x15cm) گل ۽ ڳچ گارو استعمال ٿيل آھي. مقبري کي اوڀر ۾ ھڪ سينگاريل ونگائين در سان لنگهه آھي. ھر پاسي کي ٻه عدد طاقي پانيل ڏنل آھن. سواءِ مھاڙيءَ جي باقي پاسن کي وچ تي دري ڏنل آھي. ڇت جي چوڌاري ڇڄھري ڏنل آهي. ان تي برجين جا نشان آھن جيڪي ھر ڪنڊ تي ٺھيل ھيون. مقبري جي اٺ ڪنڊي گنبذ/ ڳچ تي اڌ گولائون گنبذ اڏيل آھي.ا ندر ڪابه قبر نظر نه ٿي اچي جو ڪريل ملبو گھڻو آھي. مقبري تي ڪوبه ڪتبو يا لکت نٿي ملي، جو خبر پوي ته ھيءُ ڪنھن جو مقبرو آھي. ھن وقت مقبرو خراب حالت ۾ آھي. گنبذ ڪري چڪو آھي. لنگھه جي ڇيڙن واريون ونگون ۽ دريون ٽٽي پيون آھن. سم ۽ ڪلر جي اثر ڪري مقبري جون سرون ڳري ويون آھن. جھنگلي گاھه وڪوڙي ويو آھي. ھن مقبري کي مرمت جي ضرورت آهي. هيءَ ميرن جي دور جي اڏاوت معلوم ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو